ابو دلف

ابو دلف: ابو دلف مسعر بن مهلهل بينوعي هڪ مشهور ۽ وڏو عرب سياح ٿي گذريو آهي. هي پهريون سياح آهي، جيڪو سنڌ ۽ هند ۾ خشڪيءَ جي رستي داخل ٿيو. هو بغداد کان ترڪستان آيو ۽ شاهه بخارا، نصر سامائي سان مليو. اتان هڪ چيني سفير سان گڏ چين ويو، اتي ڪجهه عرصو رهڻ بعد ترڪستان، ڪابل، تبت ۽ ڪشمير کان ٿيندو ملتان سنڌ آيو. سنڌ مان ٿي ڏکڻ هندستان جي ڪولم ٻيٽ تائين ويو. سندس سنڌ ۾ اچڻ جو زمانو 331هه/942ع کان 377هه/987ع تائين آهي. هن ان سفر دوران هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن سفر دوران پيش ايندڙ ڳالهين کي ڪتابي صورت ڏني، جنهن ۾ هن سنڌ جي ان وقت جي حالتن جو به عڪس ڏنو آهي. سندس ان ڪتاب جا ڪجهه حصا برلن ۾ 1845ع ڌاري لاطيني ٻوليءَ ۾ ڇپيا، ان کانسواءِ سندس هن سفر نامي جا ڪجهه خلاصا ابن ندام جي ڪتاب ”الفهرست ياقوت حموي“ جي ڪتاب ’موجهه البلدان‘ ۽ قرويني جي”آثار البلاء“ ۾ ڏنل آهن. ابو دلف پنهنجي سفرنامي ۾ سنڌ جي هڪ صوبي ملتان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”هتان جي جامع مسجد بت خاني جي قبي سان مليل آهي. ملتان ۾ اسلامي شان و شوڪت آهي.“ ابو دلف ملتان کان ٿي منصوره آيو هو. منصوره ان وقت سنڌ جو دارالخلافه، مشهور تجارتي شهر ۽ علم جو مرڪز هو. هت امير خاندان طرفان ناظم مقرر ٿيل هو. ابو دلف لکي ٿو ته: ”منصوره سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ اموي خليفو هت رهي ٿو، هو پنهنجي نالي جو خطبو به پڙهي ٿو ۽ شرعي حدود به جاري ڪري ٿو ۽ سڄي سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ آهي. سنڌ ۾ مٽيءَ جا اهڙا خوشبودار ٿانَوَ ٺهن ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ ۾ چيني ڄاڻائي وڪامجن ٿا ’پر اهي اصل ۾ چيني نه آهن‘ ڇو ته چين جي مٽي هتان جي مٽي کان سخت ٿئي ٿي ۽ باهه ان کي گهڻي حد تائين پچائي نه ٿي سگهي. هتان جي مٽيءَ جي ٿانوَن جو رنگ اڇو ۽ ٻين رنگن وارو هوندو آهي. ابو دلف جي سفرنامي ۾ سنڌ متعلق جيتوڻيڪ گهٽ معلومات ملي ٿي. پر اها بنيادي ۽ معياري ضرور آهي. گهٽ مواد ملڻ جو اهو به سبب آهي، جو سندس سفرنامي جو احوال ٻين سياحن جي ڪتابن ۾ گڏجي ويو آهي. سنڌ جو هي عرب سياح پنهنجي ٿوري احوال ۾ سنڌ بابت گهڻيون ڳالهيون ڪري ويو آهي، جن ۾ اسان جي تاريخ جو چڱو مواد موجود آهي.


لفظ ابو دلفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو